خوارزمي محمد بن موسيٰ

خوارزمي، محمد بن موسيٰ: فلڪيات جو مشهور ماهر، رياضي دان ۽ مورخ محمد بن موسيٰ خوارزمي 780ع ڌاري خوارزم شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. اهي هن جي نوجواني جا ڏينهن هئا، جڏهن خليفي مامون رشيد بغداد ۾ ’بيت الحڪمت‘ جي نالي سان سائنسي اڪيڊمي قائم ڪئي، جنهن جي شهرت ٻڌي هن بغداد جو رخ ڪيو ۽ بيت الحڪمت جو وڃي ميمبر ٿيو. خليفي مامون الرشيد کيس يوناني ڪتابن جمع ڪرڻ ۽ انهن جا ترجما ڪرڻ جو ڪم سونپيو. خوارزميءَ جو اصل موضوع رياضي هو. رياضيءَ ۾ سندس ٻه ڪتاب ’الحساب‘ ۽ ’جبر و مقابله‘ تاريخي حيثيت رکن ٿا. يورپ جيترو انهن ٻن ڪتابن مان سکيو آهي، ايترو ٻئي ڪنهن ڪتاب مان ناهي سکيو ۽ ترقيءَ جو راز انهن ڪتابن ۾ سمايل آهي. هن جي ڪتابن مان مغرب وارن ڳڻپ جي عربي طريقي کي سکيو ۽ پوءِ ان کي پنهنجين علامتن ۾ تبديل ڪري رومن طريقي جي جاءِ تي رائج ڪيو. خوارزميءَ ’الجبرا‘ بابت ڪتاب اڄ کان ٻارنهن صديون اڳ لکيو، جڏهن دنيا ۾ انساني علم هاڻوڪي زماني جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو محدود هو، پر ان جي مقابلي ۾ خوارزمي جديد الجبرا کانسواءِ ٻين به موضوعن تي قلم کنيو. تاريخ تي سندس اهم ڪتاب ’ڪتاب التاريخ‘ آهي. هن فلڪيات تي ’في زيح‘ ڪتاب لکيو. هن نجوم جي مسئلن تي به قلم کنيو.
محمد بن موسيٰ خوارزمي 850ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو